Thursday, August 13, 2009

Thatta

1 comment:

  1. جنگشاهي: جتي پيئڻ جو پاڻي به وڪرو ٿئي ٿو!
    اسان جو شهر جنگشاهي، جيڪو تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي، جتي هن جديد دور ۾ عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهي، هتان جا رهواسي ميلن جا پنڌ ڪري وڏي مشڪل سان پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪن ٿا. جيتوڻيڪ 7 سال اڳ هتي واٽر سپلاءِ ذريعي هاليجي ڍنڍ جو پاڻي ڳوٺن ۾ فراهم ڪيو ويندو هو، پر اهو واٽر سپلاءِ جو نظام گذريل 7 سالن کان ناڪاره بڻيل آهي، انهيءَ واٽر سپلاءِ نظام کي ناڪاره بڻائڻ وارا هتي جا غريب اٻوجهه ماڻهو نه، بلڪ هتان جون معتبر شخصيتون ۽ هتان جا سرمائيدار آهن، جيڪي واٽر سپلاءِ جون مشينون ڪڍي، ذاتي طور استعمال ڪري رهيا آهن ۽ 1200 رپيا پاڻي جو في ٽينڪر وڪرو ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال باوجود هتان جا چونڊيل نمائندا بلڪل خاموش آهن. اسان وزير اعليٰ سنڌ کي گذارش ٿا ڪريون ته جنگشاهي جي عوام کي ڪينجهر-گجو ڪئنال K.D.A مان پاڻيءَ جي فراهمي کي يقيني بڻائي، هتان جي رهواسين کي انهيءَ عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.
    عمران خان جوکيو/ڳوٺ علي نواز جوکيو (جنگشاهي

    ReplyDelete