Thursday, August 13, 2009

Sanghar

1 comment:

  1. مڪاني ادارن ڇا ڏنو، ڇا ورتو؟
    مشرف دور ۾ آندل بلدياتي نظام پڻ اختتام پذير ٿي رهيو آهي. حڪومت کي اهو نظام ختم ڪرڻ گهرجي، ها يا نه، اهو هڪ الڳ سوال آهي، باقي عوام ان نظام مان ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو سو اهم نقطو آهي. جيڪڏهن سال 2002ع کان پهريان شهرن ۽ ڳوٺن جي ترقياتي ڪمن تي نظر وجهنداسين ته ان وقت ۾ ۽ هن نظام دوران ڪرايل ڪمن ۾ واضح فرق نظر ايندو. بلدياتي نظام دوران شهرن سميت ٻهراڙي جي علائقن کي پڻ ترجيح ڏني وئي ۽ ان سان گڏوگڏ، ان نظام ماڻهن جي ووٽن جي اهميت جو اندازو به ڪرايو ته انهن جا ووٽ ڪيڏي اهميت رکن ٿا. ان کان اڳ ايم اين اي ۽ ايم پي اي رڳو اليڪشن دوران عوام کي دلاسا ڏئي، پوءِ اسلام آباد يا وري ڪراچي وڃي وسائيندا هئا، جڏهن ته هن نظام ماڻهن کي انهن جا نمائندا گهر جي گهٽي تي فراهم ڪيا ۽ انهن جا ننڍا وڏا مسئلا اتي حل ٿي ويندا هئا، عوام کي وڏيرن جي درن تي چڪر نه ڪڍڻا پوندا هئا. جيتوڻيڪ هن نظام ۾ به وڏيرا موجود هئا، پر ڪافي مڊل ڪلاس جا ماڻهو هن نظام سان وابسته هئا، جن کي عوامي مسئلن جو احساس هوندو آهي. هن نظام جو سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيو جو هن نظام ڪيترن هنڌن تي مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي عوام جي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. جيڪڏهن بلدياتي نظام جي نقصان جو حساب ڪبو ته اهو ظاهر ٿيندو ته اهو نظام گذريل ڪجهه سالن دوران عوام ۾ ويڇا وڌائڻ جو سبب رهيو، ڇو ته ان تحت عوام کي حد بندين يعني يوسيس جي صورت ۾ ورهايو ويو ۽ سڄو ڏينهن يوسيس جا چڱا مڙس هڪ ٻئي جي ماڻهن جا پير ڪڍڻ ۾ مصروف نظر ايندا هئا. پهرين دور ۾ تعلقي ليول تي صرف ٻه اميدوار هوندا هئا، جڏهن ته هن نظام تحت ڀاءُ ڀاءُ جو مخالف ٿي ويو.
    امتيازعلي شاهه/ٽنڊو آدم

    ReplyDelete