Thursday, August 13, 2009

Kashmore

1 comment:

  1. قربان ڏاهاڻيءَ جي وارثن سان انصاف ڪير ڪندو؟
    هن وقت ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو وڃي. اهڙو ئي هڪ واقعو ڪراچي ۾ ڪنڌڪوٽ جي رهواسي مزدور قربان علي ڏاهاڻي سان 09-7-7 تي پيش آيو. ڪجهه هٿياربند فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ 22 سالن جي نوجوان قربان ڏاهاڻيءَ کي لساني بنياد تي گوليون هڻي کيس بيدريءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. قربان جي قتل جي خبر جڏهن انهيءَ جي پوڙهي پيءُ ماءُ ۽ سندس ونواهه ۾ ويٺل ڪنواري کي پئي ته اهي ٽيئي بيهوش ٿي ويا، ڇو ته ايندڙ هفتي قربان جي شادي رٿيل هئي. خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. وارثن ڪنڌڪوٽ باءِ پاس وٽ لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، اڄ تائين ساڻس انصاف ناهي ٿيو. اسان صدر پاڪستان، وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ سنڌ کي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته شهيد قربان ڏاهاڻي جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
    ڊاڪٽر خليق الزمان ڏاهاڻي/ڪنڌڪوٽ

    ReplyDelete