Thursday, August 13, 2009

Karachi

1 comment:

  1. ٻهراڙين جا مسڪين ماڻهو ۽ ڪراچي جا اسٽيٽ ايجنٽ!
    اڄڪلهه مهانگائي، بدامني ۽ بيرزوگاري غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جا غريب ماڻهو پنهنجي روزگار لاءِ اهو سوچي ڪراچي جو رخ ڪن ٿا، ته شايد اتي وڃي هو پنهنجي ٻچن جي بک اجهائي سگھندا، پر اتي وڃڻ کانپوءِ انهن کي جيڪي پريشانيون پيش اچن ٿيون، انهن سان ته هو ويتر عذاب ۾ اچي وڃن ٿا. ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ ٻهراڙين جا اڪثر غريب ماڻهو هڪ ٻن ڪمرن جو ڪرائي تي گهر وٺي اها اميد رکندا آهن ته هتي اچي هو سک سان زندگي گذاريندا، پر هتان جا اسٽيٽ ايجنٽ ۽ مالڪ مڪان پاڻ ۾ ملي ڪري ٻهراڙين جي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کان ڪميشن وٺي، هڪ ٻئي مهيني گهرن مان ڪڍي ڇڏين ٿا ۽ وري اهي ٻيو گهر وٺرائي ڏيڻ جي غرض سان ڊبل ڪميشنون ٺاهي ۽ ايڊوانس مان ڪٽوتي ڪري مسڪين ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏين ٿا، اهڙن بليڪ ميلرن غريب ڪرائيدارن جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان وزير داخله سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل آهي ته اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، جيڪي غريبن سان ظلم ڪري رهيا آهن.
    سيد مجتبيٰ حيدر ڪاظمي/ڪراچي

    ReplyDelete